آئي مند بهار

آئي مند بهار (سنڌي فلم ):دگني پروڊڪشن جي پيشڪش، هيءَ سنڌي فلم 1973ع ڌاري رليز ٿي، هن فلم جو ليکڪ اين. بخاري ۽ هدايتڪار آغا نديم ڪاوش ۽ پروڊيوسر اي. ايس مرزا هئا. هن فلم جو موسيقار غلام علي، عڪاس سعيد رضوي هو. هن فلم ۾ جن اداڪارن حصو ورتو، تن ۾: عشرت وسيم، محبوب عالم، ڪرن، احمد علي، روشن، امير حسين شاهه،
شڪيل لاسي، ملڪ انوکا، اقبال قريشي، مشتاق جسڪاڻي، محمود لاسي، حسن لاسي عبيد، ممتاز، دلاور شاهه، عبيدالله ۽ بابو مصطفيٰ شامل هئا. هن فلم ۾ لاشاري صديق، نازلي ۽ گلشن آرا ۽ ٻين جا ڳايل گيت شامل هئا. هيءَ فلم ايڪشن ڊراما، رقص، نغمن ۽ با مقصد ڪهاڻي تي مبني هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو